فقيرعبدالله خان ڪلهوڙو

فقيرعبدالله خان ڪلهوڙو

عبدالله خان ڪلهوڙو فقير

عبدالله خان ڪلهوڙو، فقير: شاعر، اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ عبدالله ولد گل محمد ڪلهوڙي جو جنم 5 جولاءِ 1939ع تي ڳوٺ حافظ مير محمد ڪلهوڙي، ضلعي دادو ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري 7 آگسٽ 1963ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1965ع ۾ پي. ٽي. سي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ويو، جتان ڪورس ڪري مارچ 1966ع تي پڙهائڻ لڳو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي ڳوٺن ۾ پنهنجون تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. محنت ۽ سچائي سان ترقي ڪري هيڊماستر مقرر ٿيو. آخر ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪلهوڙا، تعلقي دادوءَ مان هڪ آگسٽ 1991ع تي رٽائر ٿيو. هن تعليمي سرگرمين دوران ڪيترن ئي غريب شاگردن جي مالي مدد ڪري کين پڙهايو ۽ پٺ تي پيل اسڪولن ۾ تعليم کي ڦهلائي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هيءُ خداآباد ۾ ڪلهوڙا حڪمران يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ جاگير بچائڻ لاءِ سڄي عمر ڪوشان رهيو. مقبري جي مرمت لاءِ حڪومتن سان رابطا ڪيائين ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي جاگير تان قبضا هٽائڻ لاءِ حڪومت سان رابطا ڪيائين ۽ قبضاگير ڌرين خلاف ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ڪرايائين. هو سڄي عمر سماجي سرگرمين ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيو. کيس ڪلهوڙا دور جي تاريخ تي مهارت حاصل هئي. وڏا وڏا تاريخدان ڪلهوڙا دور بابت منجهيل ڳالهين کي سلجهائڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪندا هئا. هن 72 سالن جي ڄمار ۾ 4 آگسٽ 2011ع تي وفات ڪئي. سندس شخصيت تي هڪ ڪتاب ‘خداآباد جو کاهوڙي’ سندس پٽ محمد افضل ڪلهوڙي 2014ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن ۾ مختلف شخصيتن پاران کيس خراج پيش ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو